جاڙي فقير ٽڳڙ جو قبو

جاڙي فقير ٽڳڙ جو قبو: ڪلهوڙن جي دؤر جو هيءُ مقبرو، ’ميان جو قبرستان‘ جي نالي سان ديھه فريدآباد، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ واقع آهي. ھيءُ مقبرو هن وقت زبون حال ۾ آھي، پر تنھن ھوندي به ڪنھن زماني ۾ لڳايل ڪاشيءَ جي سرن جو سينگار اندران توڙي ٻاھران چٽسالي جي صورت ۾ نظر اچي ٿو. جنهن جا ڪجھه نمونا اڃا تائين ڪجهه سلامت آھن. روضو ننڍو آھي. روضي جي مھاڙي ڏکڻ ۾ آھي. لنگھه وٽ وڏا کڻ (Recesses) ۽ راس ونگون (Cusp Arches) ٺھيل آھن، لنگھه وٽ ساڄي کاٻي توڙي چوٽيءَ وٽ پانيل ٺھيل آھن. چار عدد پانيل، جن تي راس ونگون ٺھيل آھن، اھي روضي جي اڌ کان مٿي واري حصي تي ڏسي سگھجن ٿيون. انھن پانيلن جي مٿان، سوڙھا ننڍا عمودي کڻو نگا راس، ڪانس (cornice) جي ھيٺان ٺھيل آھن. حجري جي ھر ڪنڊ تي ھڪ برجي ٺھيل آھي. اٺڪنڊو ڳچ، ڇت جي مٿان گنبذ لاءِ ٺھيل آھي. ڪنگرن وارو ٻيڙ ٻنو ڇت جي چوڌاري ڦريل آھي.

روضي جي وچ تي جاڙي فقير ٽڳڙ جي قبر آھي. اندران چورس ڪمري کي ڪنڊ - جوڙون (Squinches) ڏئي، اٺڪنڊو ڪري، مٿس ڳچ (Drum) ٺاھي، ان مٿان گول گنبذ ٺاھي، ان جي چوٽيءَ وٽ ابتو ڪنول گل جو نمونو ۽ ان جي مٿان ڪلسو ڏنو ويو آھي. ھيءُ مقبرو ميان الياس محمد ڪلھوڙي جي مقبري کان ھڪ فرلانگ پنڌ تي ساڳئي قبرستان ۾ موجود آھي. جاڙو فقير ٽڳڙ ميانوال تحريڪ جو خاص ماڻهو چيو وڃي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو